سَوهَس گُڻي

سَوهَس گُڻي: هيءَ ول اڪثر ٿر ۾ کيڙيءَ يا کيڙجندڙ ٻنين ۾ ٿيندي آهي. حڪيم هيءَ ٻوٽي سج لٿي مهل پٽي ڪپڙي سان ڍڪي، ڇانو ۾ سُڪائيندا آهن. هيءَ ول پرميل ۽ ٻين ڪن بيمارين ۾ گهوٽي پياربي آهي. هن جا پن ڪنڊيءَ جي پنن جهڙا آهن. هيءَ ول پاڙ جي چوڌاري گول دائري ۾ وڌندي ويندي آهي. هي ول گهڻو ڪري اونهاري جو به نه سُڪندي آهي ۽ سدائين سائي بيٺي هوندي آهي. هيءَ ول ڪيترين بيمارين ۾ ڪم اچي ٿي، جنهنڪري مٿس ’سوهس گڻي‘ يعني ’سؤ گُڻن واري‘ نالو پئجي ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو